ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولت?? جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي ڪاروباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين بزنس مين گروپ محمد زبير مو??ي والا جي سربراهي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش مختلف مسئل?? جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ڪاروباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لازمي آهي جنهن ۾ ڪاروباري برادري کي پنهنجي ڪم ۾ آساني ميسر هجي. هن چيو ته ملڪي واڌويجهه جي شرح ۾ خاطرخواهه ا??افي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. هن ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولت?? جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائند?? جي تعاون سانملڪي ڪاروباري برادري جي مسئل?? جي حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وفد حڪومت جي ڪاروبار دوستي پاليسي?? جي ڪري ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 72000 پوائنٽس جي بلند ترين سطح عبور ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وفد وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو اهڙو وزيراعظم ڏٺو جيڪو ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ڪم اتان کان ئي شروع ڪري ٿو جتي ڇڏي ٿو ۽ ماضي ۾ کنيل قدمن تي عملدرآمد جي حڪمت عملي تي ڳالهه ڪري ٿو.
وزيراعظم پاران ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : números dupla sena