اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر هذال بن حمود العتيبي ۽ ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر کي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي يونيورسٽي جي مجموعي ص??رت??ال ۽ انتظامي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ا??ٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ج?? ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه بريفنگ ۾ ٻڌايو ته يونيورسٽي تحقيق ۽ ??رق??، جدت ۽ ڊيجيٽلائيزيش?? جي فروغ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان (2022ع – 2026ع) تيار ڪيو آهي، اسٽريٽجڪ پلان سان يونيورسٽي جي مالي ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب يونيورسٽي جي تعمير ۽ ??رق?? جي لاءِ اهم معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، سعودي عرب يونيورسٽي ۾ نئين بلاڪ جي تعمير ۽ جديد تعليمي سهولت?? جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر يونيورسٽي جي بهتري لاءِ پنهنجي تعاو?? جي خاطري پڻ ڪرائي.
صدر آصف علي زرداري سان انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي صدر ۽ ريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena