اسلام آباد – 18 – اپ??يل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والا??يل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکندو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل ا??لاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر والا??يل ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال جو خصوصي طور تي ذڪر ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري مسلمانن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ڀارتي ??ڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان ڀارت جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ٿو، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ کنيل سمورا غيرقانوني قدم واپس وٺي. صدر چيو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والا??يل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي. صدر پنهنجي خطاب ۾ فلسطين جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي بيگناهه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پاران وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي ??هي، پاڪستان قابض اسرائيلي فوج جي کلي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو.
خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ