اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ وفاق، صوبن ۽ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي معيشت ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪيل فيصلن ۾ بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏين??اس??ن، ورڇ واري سياست جو خاتمو ۽ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ا??ان جو هدف آهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن وفاق، صوبا، پاڪ فوج ۽ سمورا ادارا ان ع??يم مشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي ??ان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، سمورن چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز پوليس ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ نئين حڪومتن کي قائم ٿيندي 24 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، هن وقت ا??ان جي سڀ ??ان وڏي ۽ اهم مصروفيت مختلف چئلينجز کي سمجهڻ ۽ تيز رفتاري ??ان انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم ۽ پاليسيون ٺاهڻ آهي ته جيئن معيشت کي گڏجي سنڀالي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ورڇ واري سياست جو خاتمو ۽ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ا??ان سڀني جو وڏو هدف آهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن وفاق، صوبا، پاڪ فوج ۽ سمورا ادارا ان ع??يم مشن جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪن. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ غيرقانوني واپار ۽ اسمگلنگ جي ڪري پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، 23 – 2022ع ۾ کنڊ جي پيداوار کي سامهون رکي اتحادي حڪومت اڍائي لک ٽن کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني، بعد ۾ ڪاٿي تي نظرثاني کانپوءِ ان تي پابندي هنئي وئي پر ان جي باوجود افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ ٿي، بجلي جي شعبي ۾ 400 ??ان وٺي 500 ارب رپين تائين جي چوري جو اندازو آهي، سسٽم ۽ ٽرانسميشن جا نقصان ان کانسواءِ آهن، پيٽروليم جي شعبي ۾ به چوري ٿي رهي آهي، اهڙي طرح جيتريون اوڳاڙيون اچڻ گهرجن اوتريون ا??ان کي نه ملي رهيون آهن، اهڙي طرح ڪرپشن ۽ ليڪيجز جي ڪري چار کرب جي لڳ ڀڳ اهي اوڳاڙيون حاصل نه ٿي رهيون آهن جيڪي ملڻ گهرجن ها. وزيراعظم چيو ته هن وقت 2700 ارب رپين جي اوڳاڙين جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن، جيڪڏهن ان جو اڌ حصو به ا??ان کي ملي وڃي ته اسپتالون، رستا، نوان منصوبا شروع ڪرڻ ??ان گڏوگڏ قرضن تي دارومدار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته نگران دور ۾ 58 ارب رپين جي بجلي چوري ريڪور ڪئي وئي، اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي ??ان پڻ بهتري ڏسڻ ۾ آئي، اهو سڀ نظام ۾ بهتري، عزم،. صوبن جي تعاون ۽ آرمي چيف جي ذاتي عزم ۽ ادارن جي تعاون ??ان ممڪن ٿيو، پاڪستان جي ان خدمت تي اڳوڻي حڪومت ۽ آرمي چيف جا ٿورا مڃون ٿا، جيڪڏهن 9 مهينن جي مدي ۾ 58 ارب ملي سگهن ٿا ته ڪو سبب نه آهي ته ا??ان باقي رقم حاصل نه ڪري سگهون، ان جو دارومدار ا??ان جي ارادي تي آهي، جيڪڏهن ا??ان مضبوط ارادو ڪري وٺون ته مشڪلاتون ختم ٿي سگهن ٿيون، وفاق، صوبن ۽ سمورن ادارن جي گڏيل ذميواري آهي ته ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍون، وسيلن ۾ اضافو ڪريون ۽ قرضن تي دارومدار کي گهٽ ڪيو وڃي، انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ا??ان کي صنعت ۽ حرفت ۽ زراعت کي فروغ ڏيڻو پوندو، ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم تان هڪ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، ا??ان کي ڪرپشن جو 100 سيڪڙو خاتمو ڪرڻو آهي ۽ اها سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته مسئلن ۽ چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪريون ۽ ڪاميابي حاصل ڪن??اس??ن، ايف بي آر جي 100 سيڪڙو ڊيجيٽلائيزيشن ڪري رهيا آهيون، ايندڙ مهيني ??ان صلاحڪارن جي مقرري ٿيندي ۽ اپريل جي وچ ڌاري ٻولي ڏني ويندي، ان عمل کي جلد ??ان جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن??اس??ن جڏهن ته عبوري دور جي لاءِ ايف بي آر ۾ سٺن آفيسرن کي آندو ويندو، خراب ڪارڪردگي رکندڙ آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اڳاڙين بابت ٽربيونلز ۾ ڪيترن ئي سالن ??ان التوا هيٺ ڪيس پيل آهن، اوڳاڙين بابت ڪيسن جي جيڪڏهن اڌ رقم به ا??ان کي ملي وڃي ته ملڪ کي قسمت بدلجي سگهي ٿي، حڪومت ٽربيونلز جي سربراهن کي ميرٽ تي مقرر ڪندي، لمز ۽ نسٽ ۾ لکت وارا امتحان ورتا ويندا، زباني انٽرويو جي لاءِ پڻ بهتر طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هن وقت انهن ڪيسن جي حوالي ??ان وڪيل ٻنهي طرفن ??ان مليل آهن، تاريخ تي تاريخ ڏني پئي وڃي جنهن ??ان ملڪي معيشت کي نقصان ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت ۽ عوام جي بهتري جي لاءِ ڪيل فيصلن ۾ بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏين??اس??ن. هن چيو ته بشام دهشتگردي واقعي جي ذريعي ملڪ جي مستقبل ۽ پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مون گهرو وزير کي ان حوالي ??ان هدايت ڪئي آهي ۽ کيس چيو آهي ته هو پوري طرح ??ان ڪم ڪري، صوبن ۾ وڃي ته جيئن گڏيل مشاورت ۽ تعاون ??ان مسئلن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ا??ان کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن پر مون کي پورو يقين آهي ته پاڪستاني قوم محنت آهي ۽ ا??ان سڀ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿين??اس??ن.
اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ وفاق، صوبن ۽ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي معيشت ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪيل فيصلن ۾ بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II