اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن کي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ اسان جي گڏيل هدفن کي ڪمزور ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو، غيرانساني حملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ گڏيل قدرن تي حملو آهي، اهو واقعو پاڪ چين دوستي جي دشمنن پاران ترتيب ڏنو ويو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري چين جي س??ارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو. چيني س??ير جيانگ زائيڊونگ سفارتخاني اچڻ تي صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو. صدر جو بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني قوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام چيني عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته دشمن اهو قبول نه ٿا ڪري سگهن ته پاڪ چين ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، بي رحماڻي فعل ۾ ملوث ڏوهارين کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. صدر چيو ته پاڪست??ن ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي س??ڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. چيني س??ير تعزيت جي لاءِ ذاتي طور تي س??ارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. چيني س??ير دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون وڌائڻ، پاڪست??ن ۾ چيني ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ تي پڪڙڻ جي ضرورت آهي. چيني س??ير جو پاڪستان سان تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سي پيڪ سميت ٻين منصوبن جي لاءِ حمايت جاري رکڻ جي چيني عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ??ه زندگي جي س??ورن شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي. هن چيو ته چيني ڪارڪنن پاڪستان جي س??اجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان دهشتگردن کي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ اسان جي گڏيل هدفن کي ڪمزور ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون