اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي ??رڏ??هي وزير اسح??ق ڊار گڏيل هم آهنگي ۽ گڏيل سوچ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ??رڏ??هي پاليسي امن، برابري ۽ انصاف جي اصولن تي ٻڌل آهي، پاڪستان پوري دنيا جي امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. ??رڏ??هي وزير چيو ته وزيراعظم کي ??رڏ??هي وزارت ۾ خصوصي ??ين المذاهب افطار ڊنر ۾ ڀليڪار چوڻ اعزاز جوڳو آهي، ??ين المذاهب افطار ڊنر ۾ سفارتي برادري جي موجودگي جي لاءِ ٿورائتو آهيا??. ه?? سفيرن کي پاڪستان ۽ پنهنجي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي فروغ ۾ ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سڄي دنيا جي مسلمانن جي لاءِ رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي خاص مذهبي ۽ سماجي اهميت آهي. ??رڏ??هي وزير اسح??ق ڊار چيو ته پاڪستان گهڻ رخي، امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جو علمبردار رهندو. هن چيو ته پاڪستان 2025ع ۽ 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ اميدوار آهي، ايشيا پيسفڪ گروپ جي ملڪن ان سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان جي حمايت جي لاءِ اسان انهن ملڪن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. ??رڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ جي لاءِ ٻين سمورن ملڪن جي حمايت جو خواهشمند آهي، ڪائونسل ۾ پنهنجي مدي دوران پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪائونسل جي مينڊيٽ کي فروغ ڏيندو. ??رڏ??هي وزير اسح??ق ڊار چيو ته رمضان المبارڪ ۾ اسان کي غزه جي مسلمانن کي نه وسارڻ گهرجي، غزه جي مسلمانن کي گذريل ڇهن مهينن کان بک ۽ جنگ درپيش آهي. هن چيو ته غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو وقت اچي ويو آهي، جنگبندي جو مطالبو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيو آهي، علائقائي تڪرارن جي حل کانسواءِ امن ۽ خوشحالي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. ??رڏ??هي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي فلسطين ۽ ڪشمير سميت پراڻي تڪرارن کي حل ڪيو وڃي، هن هفتي ماسڪو ۾ ۽ بشام ۾ ٿيندڙ حملا ياد ڏيارين ٿا ته دهشتگردي پوري دنيا جي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي حصيداري کي فروغ ڏيندو رهندو. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ”جيڪو ڪنهن هڪ جي حياتي کسيندو ان ڄ?? ته پوري انسانيت کي قتل ڪيو ۽ جنهن هڪ حياتي بچائي ان پوري انسانيت کي بچايو.“ ??رڏ??هي وزير چيو ته امن جي فتح تائين دهشتگردي جي خلاف اسان جي جنگ ختم نه ٿيندي، اسان وٽ اختلافن کان قطعي نظر قومن جي وچ ۾ مڪالمي ۽ افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي وزير پاران گڏيل هم آهنگي ۽ گڏيل سوچ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون اهم قرار، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن، برابري ۽ انصاف جي اصولن تي ٻڌل آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت