اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراع??م ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو زرداري، نامزد صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلطي جو ازالو ممڪن نه آهي پر سنگين غلطي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو صحيح ڪرڻ مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه را??ِ قومي سطح تي تاريخ کي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مد??گار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي ا??حا?? ۽ ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی