اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي، پاڪستان حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان روٽري انٽرنيشنل جي صدر اسٽيفيني ارچڪ جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ٿو??س اينٿوني گمپ، محمد فيض قدوائي، عبدالعزيز ميمڻ ۽ مسرور شيخ شامل هئا. وفد نگرا?? وزيراعظم کي پاڪستان سمارٽ وليج پروگرام ۽ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان روٽري انٽرنيشنل جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. نگرا?? وزيراعظم اسٽيفيني ارچڪ کي روٽري انٽرنيشنل جي پهرين عورت صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگرا?? وزيراعظم روٽري انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين شعبن جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ترقياتي ادارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اميد آهي ته روٽري انٽرنيشنل پاڪستان ۾ پنهنجي پروگرامز جي پ??چ ۾ اضافو ڪندي. وفد نگرا?? وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته روٽري پاڪستان سمارٽ وليج پروگرام جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ مدد ڏيندو، غريب ترين طبقي جي لاءِ شروع ڪيل اهي سمارٽ ويليج زراعت کي فروغ ڏيڻ، قابل تجديد توانائي جي نظام مان فائدو کڻڻ، پاڻي جي نيڪالي جي انتظام کي بهتر بڻ??ئڻ، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگرا?? وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روٽري انٽرنيشنل پاڪستان ۾ 8 لک ڪتاب عطيو ڪري چڪو آهي جنهن مان 2 لک ڪتاب رڳو بلوچستان صوبي ۾ ورهايا ويا آهن. وفد نگرا?? وزيراعظم کي 10 هزار وڌيڪ ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ روٽري انٽرنيشنل جون موبائيل لائبريريز ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۽ خواندگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملاقات ۾ قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار