راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان 400 ڪلو??يٽ??ن تائين جي مف??صلي تي انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ واري فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميزائل ج??يد ترين ايويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سان ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪلو??يٽ??ن جي حد تائين انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز فتح ٽو ميزائل تجربي جي موقعي تي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فتح ٽو ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج جي ماهرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا