بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، پاڪستان کي چين جي دوستي تي فخر آهي، چين سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهيون ٿا، بيلٽ اينڊ روڊ منص??بو درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان چين لاڳاپن ۾ ڏار نه ٿي وجهي سگهي. چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، شي جن پنگ جي ويزنري قيادت ۾ پاڪستان جي لاءِ تم??م گهڻا موقعا موجود ??هن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ ف??رم ۾ گهرائڻ تي چيني قيادت جا ٿورائتا آهيون، چين جي ترقي سڀني جي لاءِ بهترين مثال آهي، چيني صدر جي گذريل ڏينهن جي تقرير ان جي عظيم ويزن جي عڪاس هئي. ??ن چيو ته پوري دنيا کي تم??م گهڻا چئلينجز درپيش ??هن. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته چين پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهي ٿو، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.
چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز