اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلا?? ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وال??ري?? علائقي ۾ عورتون پنهنجي خاندانن ۽ برادرين کي غيرقانوني ۽ زبردستي ڀارتي قبضي جي خلاف بيهڻ تي سزا ڏيڻ جي ذريعي اڪثر تشدد ۽ جارحيت جو نشانو بڻجنديون رهيون آهن. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج نام نهاد ”ڪورڊن اينڊ سرچ آپريشنز“ دوران نوجوان عورتن کي اغوا ۽ هراسان ڪرڻ کي پوري برادرين کي سزا ڏيڻ جي لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. ترجمان چيو ته عورتن جي خلاف تشدد ج??ن اهي ڪارروايون جاري آهن جن کي آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ جهڙن سخت قانونن سان سگهه ملي ٿي جيڪي ڀارتي قابض فورسز کي انهن جي جنسي تشدد ج?? ڏوهن جي لاءِ قانوني چاره جوئي کان بچائين ٿا. هن چيو ته ڏوه??ري?? جي احتساب جي کوٽ وال??ري?? علائقي ۾ عصمت دري جو شڪار ٿيند??ن جي لاءِ انصاف جي عدم موجودگي جي وضاحت ڪري ٿي. ترجمان چيو ته انساني حقن جون اهي خلا?? ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جون عورتون امن ۽ وقار سان رهي سگهن.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری