ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي صلاحيتون رکندڙ رانديگر راند جي م??دا?? وانگر زندگي جي ٻين شعبن ۾ به جذبي ۽ لگن سان ??م ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل اولم??ڪس پاڪستان جي وفد سان ڳ??له??ئيندي ڪيو جنهن صدر ۽ خاتون اول سان ملاقات ڪئي. صدر ۽ خاتون اول خصوصي صلاحيتون رکندڙ ايٿليٽس کي برلن ۾ اسپيشل اولم??ڪس ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته خصوصي صلاحيتون رکندڙ رانديگرن اسپيشل گيمز ۾ 80 کان تمغا کٽي ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. هن چيو ته خصوصي ٻار معاشري جا اهم ميمبر آهن، انهن کي ضروري هنر ۽ خصوصي تعليم ڏني وڃي. صدر چيو ته خصوصي ٻارن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ??م ڪرڻو پوندو، ٺوس تعليم سان معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت آگاهي وڌندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي خصوصي ضرورتون رکندڙ ٻارن جي حقن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان خصوصي ماڻهو مدد حاصل ڪري سگهن ٿا.
صدر پاران خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa