اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻ??ن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪ??. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي شا??ردن جي شڪايتن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪ??يشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ڪميشن وزيراعظم کي بلوچستان سان تعلق رکندڙ شا??ردن جي شڪاي??ن ۽ ان??ن جي ازالي جي حوالي سان ڪميشن پاران جوڙيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بلوچ شا??ردن جي شڪاي??ن ۽ ان??ن جي ازالي جي حوالي سان رپورٽ انتهائي جامع آهي ۽ انتهائي ايمانداري ۽ سنجيدگي سان جوڙي وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته بلوچ شا??ردن جا مسئلا ۽ شڪايتن جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بلوچ شا??رد پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ ان??ن جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ ئي پاڪستان جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان جا سمورا مسئلا خاص طور تي گم ٿيل ماڻ??ن جو مسئلو رياست جون سموريون ڌريون گڏجي ويهي حل ڪ??. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻ??ن جي حوالي سان آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهندي مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته حصيداري ۽ پارٽنرشپ جي حڪمت عملي اختيار ڪري قومي اتحاد ۽ ترقي يقيني بڻائي سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي واڳيل آهي. هن هدايت ڪئي ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته عور??ن ۽ معاشري جي محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ڪميشن جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ۽ ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، ناصر محمود کوسا، ميجر (ر) حسنين ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود ه??ا. بلوچستان جي شا??ردن جي شڪايتن جي حوالي سان ان ڪميشن جو قيام اسلام آباد ه??ءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيپٽمبر 2022ع ۾ عمل ۾ آيو هو.
بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں