اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي معلومات ويب سائيٽ وڪي پيڊيا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي اعتراض جوڳو مواد ??ٽا??ڻ جي لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي صحيحن سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بيان موجب وزيراعظم اهو فيصلو ٽن رڪني وزارتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪيو. ٽي رڪني ڪميٽي قانون ۽ انصاف، معاشي ۽ سياسي معاملن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن تي ٻڌل هئي. وزارتي ڪميٽي اجلاس منعقد ڪيو ۽ معاملي جو جائزو وٺندي چيو ته وڪي پيڊيا مفيد معلوماتي ويب سائيٽ آهي، شاگرد، محققين ۽ معاشري جا ٻيا طبق?? ان مان فائدو کڻن ٿا، پوري ويب سائيٽ بند ڪرڻ مناسب نه آهي، اعتراض جوڳي مواد کي ??ٽا??ڻ جا قدم کنيا وڃن. بيان موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو، قانون ۽ انصاف، اطلاعات ۽ نشريا??، ڪامرس ۽ ڪمي??ني??شن جا وفاقي وزير ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ شامل آهن. ضرورت موجب ڪنهن ٻاهر کي ڪميٽي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڪميٽي هڪ هفتي ۾ وفاقي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽ?? پاڪستان ٽيلي ڪمي??ني??شن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي وڪي پيڊيا تائين پهچ مڪمل بند ڪرڻ جي قدم جو جائزو وٺندي. ڪميٽي قدم تجويز ڪندي ته اعتراض جوڳي مواد ت?? پابندي ۽ ان تائين پهچ کي روڪي سگهجي. ڪميٽي مذهبي طور تي حساس، مقدس ۽ اسان جي ڪلچر جي منافي مواد ت?? پابندي جي لاءِ طريقيڪار تجويز ڪندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڪميٽي کي سيڪريٽريل خدمتون فراهم ڪندي.
وزيراعظم پاران عالمي معلومات ويب سائيٽ وڪي پيڊيا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی