اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 ??يبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريق?? سان ملهايو ويندو، هر سال وانگر هن سال به پاڪستاني قوم ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ معاشري جا سڀ طبقا ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ان ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذب?? سان ملهائيندا. تر??ما?? چيو ته اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل تي آهي. هن چيو ته ا??و ضروري آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي خودمختياري واري حق جو استعمال ڪن. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو.
5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس