شرم الشيخ- 17 نومبر (اي پي پي) رٿ??بن??ي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ گرين انويسٽمينٽ اولين ترجيح آهي، حڪومت فاسل فيول جي ??ستعمال بدران شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جو آغاز ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا ۽ اسرندڙ ملڪن بابت فرينڊز آف گريننگ نيشنل انويسٽمينٽ پلان جي ??والي سان پينل مباحثي ۾ شرڪت دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 20 پٺتي پيل ضلعن کي پائيدار ترقي سان اڳتي آڻڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هر منصوبي جي منظوري لاءِ لازمي آهي ته هو ماحولياتي معيار تي پورو لهي ٿو. پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو آهي، پاڪستان هن وقت انهن ست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي جو بدترين شڪار آهن، م??سم??اتي تبديلي پاڪستان ۾ رڪارڊ گرمي، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جو سبب بڻي. م??سم??اتي تبديلي جا اثر افسانو نه پر هڪ حقيقت آهن، م??سم??اتي تباهي جو پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهن تي سڌو سنئون اثر پيو. وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي نظام م??سم??اتي تبديلي جي ??يجنڊا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، عالمي سطح تي م??سم??اتي تبديلي سان هم آهنگ انفرا اسٽرڪچر لاءِ فنڊ قائم ڪيو وڃي، اسريل ملڪن کي پنهنجي ??ميداري پوري ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ تباهي انهن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي. اسان کي پنهنجي نسلن لاءِ م??سم??اتي ماحول کي بچائڻو آهي، م??سم??اتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسرندڙ ملڪ پنهنجي ??جربن جي مٽاسٽا ڪن، هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، ملڪن کي شديد نقصان پهتو، انفرا اسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿيون، متاثرن جي ??بادڪاري لاءِ منصوب??بن??ي ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي، قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لائحه عمل جو دائرو ضلعن تائين وڌايو ويو آهي.
پاڪستان ۾ گرين انويسٽمينٽ اولين ترجيح آهي، حڪومت فاسل فيول جي استعمال بدران سمشي توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن