اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ تقريب منعقد ٿي جڏهن ته هڪ ريلي ب?? ڪڍي وئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ عملي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري، ڪشميري عوام 75 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته 27 آڪٽوب?? 1947ع کان شروع ٿيندڙ ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ انساني ??قن جي خلاف و??زين تان نظرون نه هٽائي.
ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي آفيس ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج