اسلام آباد – 19 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻ??ڏ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش چئلينج کي عالمي فورم تي اجاگر ڪري ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خطري کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي ??اءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي ??وقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ??وقعي تي وزيراعظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي اجلاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن ??ي منهن ڏيڻ جي ??اءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي ??اءِ اهم پليٽ فارم آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي ??زيراعظمن، جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کانسواءِ عالمي تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن ۽ فلاحي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عالمي اڳواڻن کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي ??رڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي ??رڏيهي وزير ۽ او آءِ سي جي سالياني اجلاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا