اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ مع??ني??ت جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. ان موقعي تي بلتستان يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جي مستقل مقرري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي گلگت بتلستان جي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يونيورسٽي کي درپيش مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي سمورن حصن کي متاثر ڪيو، موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتستان جو خطو موسمياتي تبديلين جي ڪري خصوصي طور تي متاثر ٿيو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ مع??ني??ت جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن.
موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II