اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??ورپي يونين جي ميمبر ملڪن سان ??نهنجي تاريخي ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳ??پن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا جي ضرورت آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب پاڪستان ۾ يورپي يونين جي نئين مقرر ٿيندڙ سفير ڊاڪٽر رينا ڪونيڪا وزيراعظم سان ??لاقات ڪئي. ان ??وقعي تي وزيراعظم يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرلين سان ??نهنجي تازي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته يورپي يونين جي پارلياماني وفدن جو پاڪستان جي ايندڙ دورن سان گڏوگڏ اڳئين يورپي يونين پاڪستان ??عز??يراتي ڳالهه ٻولهه جي منصوبي تحت سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائيلاگ سان ??نهي ڌرين جي دوران ??ڌيڪ ٺوس تعاون جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گڏيل فائديمند واپاري لاڳ??پن ۾ اضافي جو ڪريڊٽ موجوده جي ايس پي پلس اسڪيم ڏانهن وڃي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان 2023ع کانپوءِ به ان انتظام جو ح??و رهندو. وزيراعظم وڌندڙ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مسلسل اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي به زور ڏنو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳ??پن جي 60 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم ان سنگ ميل کي ٻنهي طرفن کان ??ناسب طريقي سان ??لهائڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان اهم آهي. پاڪستان گذريل سال آگسٽ جي اڳڀرائي کانپوءِ افغانستان جي حوالي سان عالمي برادري کي بي مثال تعاون فراهم ڪيو آهي. ڊاڪٽر رينا ڪونيڪا وزيراعظم پاران آجيان تي ٿورا مڃيندي چيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي مقرري دوران ??طرفن لاڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.
پاڪستان يورپي يونين جي ميمبر ملڪن سان پنهنجي تاريخي ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteios quina