اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ سان افغان عوام سخت متاثر ٿي رهي آهي، سنڪيانگ ۾ صورتحال اهڙي نه آهي جيتري اولهه ميڊيا پيش ڪري رهي آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، آمريڪا جي ??هشتگردي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي ??نگ ۾ اضافو ٿيو، ان جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جا??ين جي قرباني ڏني. آمريڪي ٽي وي سي اين اين کي خصوصي انٽرويو ۾ هن هڪ سوال جي ??واب م چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي ??البان حڪومت کي پسند نه ڪرڻ جدا شيءَ آهي پر اهو اٽڪل 4 ڪروڙ افغان عوام جي ??قاءَ جو سوال آهي جن مان اڌ انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ ورتل آهن، انهن کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، افغانستان جي ??رديءَ تمام ظالم ۽ بي رحم آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ??ي حوالي سان افغان عوام جي لاءِ هر ڪو فڪرمند آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، اها صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي ته طالبان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي ۽ انهن سان انساني حقن خاص طور تي عورتن ??ي حقن ۽ شموليتي حڪومت جي مطالبن تي ڳالهه ڪئي وڃي، پابنديون لڳائڻ ۽ اڪائونٽس منجمند ڪرڻ سان انساني الميو جنم وٺندو ۽ افغانستان افراتفري جو شڪار ٿيندو، افغان پناهگيرن جو سيلاب اچي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ اڳ ئي 30 لک افغان پناهگير آهن، افغانستان ۾ امن دنيا ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي ??هشتگردي جي ??لاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي ??نگ ۾ اضافو ٿيو، آمريڪي جنگ دوران وسيع پئماني تي جا??ي نقصان ٿيو، پاڪستان دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ 80 هزار جا??ين جي قرباني ڏئي چڪو آهي. هن هڪ سوال جي ??واب ۾ چيو ته آمريڪا کي ڊرون حملن جي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ پاڪستان ۾ خودڪش حملن جو سيلاب آيو. سنڪيانگ ??ي حوالي سان سوال جي ??واب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي ??ي حڪمراني آهي، والاريل ڪشمير ۽ سنڪيانگ جي معاملي جو تقابلي جائزو ئي غلط آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ مڃيل تڪراري علائقو آهي، دنيا ان تڪرار کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان سنڪيانگ جي ??ورتحال ڄاڻڻ جي لاءِ پنهنجي ??فير معين الحق کي سنڪيانگ موڪليو، ان ??وج?? صورتحال اهڙي نه آهي جهڙي تصوير ڪشيءَ اولهه ميڊيا ڪري رهي آهي.
افغان عوام کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ