اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ار لائينن واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت مسلم ليگ (ن)) جي حڪومتي دور جي 411 ملين روپيا في ڪ??وم??ٽر جي مقابلي ۾ گهٽ ڪري 172 ملين روپيا في ڪلو ميٽر ڪرڻ ۽ روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو کان وڌ??ڪ اضافي تي مواص??ات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پنهنجي حڪومتي دور جي ڀيٽ جو چارٽ جاري ڪندي چيو ته مواص??ات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي شفافيت ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪري چار لائين واري هاءِ وي جي لاڳت تي قومي خزاني کي مسلم ليگ ن جي حڪومتي دور جي مقابلي ۾ وڏي بچت ٿي آهي، ان ??انسواءِ گذريل دور جي مقابلي ۾ ساڍا ٽن سال جي دوران روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 81.78 ارب روپين کان وڌ?? 184.14 روپيا ٿي ويو آهي، ان ??انسواءِ 5.18 ارب روپين جي ماليت جي زمين قبضن کان آجي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اها ڪاميابي ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حاصل ٿي آهي، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ چار لائين واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت 17 ڪروڙ 20 لک روپيا في ڪ??وم??ٽر ٿي وئي آهي جيڪا مسلم ليگ (ن) جي 2013ع کان 2018ع جي حڪومتي دور ۾ 41 ڪروڙ 10 لک روپيا في ڪ??وم??ٽر يعني 138 سيڪڙو کان وڌ??ڪ هئي. هن ٻڌايو ته چار لائينن واري موٽر وي تي مسلم ليگ ن جي دور ۾ لاڳت 60 ڪروڙ 60 لک روپيا هئي ۽ پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت 53 سيڪڙو گهٽ ٿي 38 ڪروڙ 50 لک روپيا ٿي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ روڊ جي بحالي تي 8 ڪروڙ هڪ لک روپيا في ڪ??وم??ٽر لاڳت آئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت گهٽجي 5 ڪروڙ 30 لک روپيا رهجي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ پهرين ساڍا ٽن سالن ۾ روينيو وصولي 8 ڪروڙ 17 لک روپين کان وڌ??ڪ جڏهن ته پي ٽي آءِ جي انهي عرصي ۾ اها وصولي 18 ڪروڙ 41 لک روپين کان ٽپي وئي آهي جيڪو 125 سيڪڙو اضافو آهي.
وزيراعظم پاران چار لائينن واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت 172 ملين روپيا في ڪلو ميٽر ڪرڻ تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج