ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف فلاحي ??نظيمن جي سماجي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ضرورتمندن جي ڀلائي لاءِ جي ڊي سي فا??ونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. اها ڳالهه هن جي ڊي سي جي وفد سان گورنر هائوس ?? ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد جي سربراهي جي ڊي سي جو سربراهه ظفر عباس ڪري رهيو ه??. ان موقعي تي جي ڊي سي جي سربراهه صدر کي غيرسرڪاري تنظيم پاران جاري سماجي ڀلائي جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. ظفر عباس صدر کي جي ڊي سي فا??ونڊيشن جي ڪراچي ۾ 50 ڊائيلاسز سينٽرز کولڻ، راشن جي فراهمي، خوراڪ جي مرڪزن ۽ ٻين مصنوبن بابت بريفنگ ڏني. وفد سان ڳالهائيندي صدر حڪومت جي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن بشمول آسان قرض، فني تربيتي پروگرام ۽ ماءُ جي لاءِ غذائي امداد مان فا??دو کڻڻ جي لاءِ نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بئنڪون صنعتڪارن کي آسان قرض فراهم ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي پڻ گهٽ کان گهٽ وياج جي شرح تي آسان قرض فراهم ڪن. هن نجي شعبي تي زور ڏنو ته اهو بيروزگار تعليم يافته نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي. بعد ۾ جي ڊي سي جي سربراهه صدر کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جي ڊي سي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات