ڪو??مب?? – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي سريل??ڪا پهچي ويو آهي. سريل??ڪا جي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو، ٻارن وزيراعظم کي گلدستا پيش ڪيا، وزيراعظم عمران خا?? جي اعزاز ۾ سريل??ڪا جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ توپن جي سلامي ڏني وئي. وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان کانپوءِ سريل??ڪا جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خا?? جو سريلنڪن ڪابينا ۽ وزيراعظم عمران خا?? سريل??ڪا جي وزيراعظم کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان تعارف ڪرايو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خا?? جو سريل??ڪا جو اهو پهريون دورو آهي.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔