اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان کي سياحت جو مرڪز بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، سياحت جي ترقي سان علائقي جي عوام جو نه رڳو زندگي جو معيار بلند ٿيندو پر انهن کي ر??زگار جا وسيع موقعا پڻ ملندا. هو گلگت بلتستان جي وڏي وزير محمد خالد خورشيد سان ڳالهائي ر??يو هو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو اطلاعات وارو وزير فتح الله خان پڻ موجود هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گلگت بلتستان قدرتي حسن سان مالامال آهي، هي خطو سڄي دنيا جي سياحن جي لاءِ هڪ حسين ۽ پرڪشش جڳه?? آهي. گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي خوبصورتي ۽ علائقائي ثقافت اجاگر ڪرڻ ۾ پي ٽي وي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ر??ي آهي. اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان جي خوبصورت جاين تي فلمن ??ي عڪسبندي نئين فلم پاليسي جو حصو بڻائي ر??يا آهيون.
گلگت بلتستان کي سياحت جو مرڪز بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino