اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت خصوصي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد ملڪ پاڪستان جي لا??ِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. باني پاڪستان جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لا??ِ خصوصي دعائن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪ??ڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض س??ڀاليا. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ان موقعي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خواني ڪ??ي ۽ ان کانپوءِ مهمانن جي ڪ??اب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ملٽري اڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ۽ باباءِ قوم کي سلامي ڏني. سرڪاري ۽ نجي سطح تي قرآن خواني ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪ??اچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ قوم جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄ?? ملڪ ۾ عام موڪل هئي، سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبن ۽ خصوصي پيغامن ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر ۽ ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لا??ِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو.
باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر