ڪرتار پور/نارووال– 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم وڌائيندو ته پاڪستان ٻه قدم وڌائيندو، اسان ڀارت سان دوستاڻا، مضبوط ۽ مهذب لاڳاپا چاهيون ٿا، ماضي جي زنجيرن کي ٽوڙي اڳتي وڌڻو پوندو، ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير آهي ۽ ٻنهي ??لڪن جي قيادت جي قوت اراديت سان اهو مسئلو حل ٿي سگهي ??و، امن جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت، سياسي پارٽيون، فوج ۽ سڀئي ادارا هڪ صفحي تي آهن، ڪرتاپور ک?? دروبين سان ڏسڻ وارا گردوارا درٻار صاحب جي ياترا ڪري سگهندا، سک برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن اها ڳالهه ڪرتارپور ??نگ??ه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada