اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ترقي يافته، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان ئي اسان جي منزل آهي، پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي اميد ۽ الله جي هڪ نعمت آهي جنهن جي قيام لاءِ اسان جي بزرگن من??رد تحريڪ هلائي ۽ بي مثال قربانيون ڏئي هي ملڪ حاصل ڪيو، پاڪستان جي عوام 25 جولاءِ تي پرجوش طريقي سان ان اصول تي هڪ دفعو ٻيهر مهر تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ملڪ عوام جي مرضي سان وجود ۾ آيو هو، ان جي قسمت جا فيصلا به ووٽ جي پرچي سان ٿيندا. پاڪستان جي عوام ان ح??يقت کان آگاهه آهي ته سندن نمائندا اهي ئي ٿي سگهن ٿا جنهن کي هو چونڊيندي، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي سياسي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو. هو آزادي جي ڏهاڙي جي مو??عي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي منع??د قومي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان مو??عي تي نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، شاهه محمود قريشي، غير ملڪي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، نگران وزيرن علي ظفر، عبدالله هارون، اسڪول ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت زندگي جي مختلف ش??بن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
ترقي يافته، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان ئي اسان جي منزل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات