گڏيل قومون-22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير ۽ فلسطين جهڙن تڪرارن کي حل ڪرڻ، تڪرار?? جي پيدائش جي موثر روڪٿام ۽ متاثر ملڪن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ موثر نقطه نظر کي جوڙڻ جي حوالي سان نئين سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قوم?? جي پاڪستا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل ۾ تڪرار?? جي روڪٿام، امن اما?? جي قيام تي هڪ اعليٰ سطحي بحث دوران خطاب ڪندي چيو آهي ته هڪ جامع ۽ مربوط حڪمت عملي جي ضرورت آهي جيڪو تڪرار?? جي روڪٿام ۽ تڪرار?? جي حل لاءِ قومي ڪوشش?? جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي مدد فراهم ڪري. پاڪستاني نمائندي چيو ته اهڙي طرح جي حڪمت عملي ۾ مصيبت ۾ گهيريل رياست?? جي لاءِ معاشي ۽ مالي مدد روزگار پيدا ڪرڻ ۽ اعتماد ۽ اميد پيدا ڪرڻ صلاحيت سازي جي تعمير، حڪومتن کي مقامي آبادي کي گهربل بنيادي خدمتون فراهم ڪرڻ جي قابل بڻائڻ شامل هجڻ گهرجي. هن پرڏيهي استحصال جي خاتمي جو مطالبو به ڪيو جيڪو تشدد ۽ دهشتگردي کي هوا ڏي ٿو. هي اجلاس اولهند?? آفريقي ملڪ سيراليون طرفان گهرايو ويو هو جيڪو آگسٽ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي صدارت جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ هي اجلاس عالمي سطح تي تڪرارن ۾ واڌ جي پس منظر ۾ منعقد ڪيو ويو. پاڪستاني نمائندي چيو ته انهن تڪرارن جو بنيادي سبب ۽ نوآبادياتي وراثت، خوراڪ جي کوٽ، پاڻي ۽ گئوچر لاءِ مقامي جدوجهد، ??يمتي قومي وسيلن لاءِ پرڏيهي چٽاڀيٽي ۽ ماڻه?? جي سياسي ۽ اقتصادي منزلن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ مداخلتون شامل آهن. پاڪستاني نمائندي سلامتي ڪائونسل کان غزه ۾ اسرائيل طرفان فلسطيني?? جي نسل ڪشي جي خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي قبضي جا نتيجا ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ڪٿي به واضح ناهن. هن سلامتي ۽ بنيادي ضرورتن ۽خدمت?? جي فراهمي کي تسليم ڪندي چيو ته تشدد ۽ دهشتگردي جي قوتن خلاف سماجي هم آهنگ جي تعمير ضروري آ??ي. ??ن چيو ته اهڙي طرح جي قومي حڪمت عمل?? آفريقا ۽ ٻين ملڪن ۾ اسان کي درپيش پيچيده بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي ناهي، ان مان اڪثر تڪرارن جو پکيڙ اندروني ۽ پرڏيهي مداخلت ٻنهي سبب?? جي ڪري ٿيو آهي جن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ضروري آهي.
امن جي قيام، تڪرارن کي موثر طريقي سان حل ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ نئين سوچ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي:سفير منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار