برسلز- 21 فيبروري (اي پي پي)يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي جي معاملن بابت ??اءِ ڪمشنر جوزف بوريل چيو آهي ته عوام کي اردن درياهه جي اولهندي ڪناري ۾ رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو و??و ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. هن برسلز ۾ منعقد ??يل پرڏيهي و??يرن جي اجلاس کان اڳ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته فلسطينين کي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ 11 مارچ کان 09 اپريل تائين مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا. هن چيو ته گذريل هفتي به رفح سرحد تي اسرائيل جي حملن کي روڪڻ جي اپيل ڪئي هئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ان حوالي سان اسرائيل تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جو مهينو و??جهو پهتو آهي جيڪڏهن رمضان المبارڪ دوران فلسطينين کي مسجد ڏانهن وڃڻ کان روڪيو و??و ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. واضح رهي ته اسرائيل جي و??ير اعظم بينجمن نيتن ياهو چيو هو ته رمضان المبارڪ دوران فلسطينين جي مسجد الاقصيٰ ۾ داخلا محدود ڪئي ويندي.
فلسطينين کي رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز