گڏيل قومون-25 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڀارت ۾ شهيد ٿيل بابري مسجد واري هنڌ تي رام مندر جي افتتاح جي مذمت ڪندي گڏيل قومن جي الائنس آف سويلائيزيشنز (يو اين اي او سي) جي اعليٰ عهديدار تي زور ڀريو آهي ته هو ڀارت ۾ اسلامي ملڪيتن ۽ ماڳن جي تحفظ ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير ا??رم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سفي??ن جي اجلاس ۾ چئي. پاڪستان مشن طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪستاني نمائندي منير ا??رم او آءِ سي جي ساٿين سان هڪ خط شيئر ڪيو جنهن ۾ هن يو اين اي او سي جي اعليٰ نمائندي ميگوئل اينجل موراٽينوس کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايوڌيا ۾ ٿيل واقعي ڀارت ۾ هندو مذهبي اڪثريت جي ٻين سان اڻبرابري واري سلوڪ ۾ پريشان ڪندڙ اضافي جي نشاندهي ڪئي آهي. هن يو اين اي او سي جي سربراهه کي پنهنجي خط ۾ چيو ته گذريل 31 سالن ۾ ٿيل اڳڀرائي، جيڪا تازي تقريب ۾ پڄاڻي تي پهتي، ڀارت ۾ هندو اڪثريت پسندي ۾ پريشان ڪندڙ اضافي طرف اشارو آهي. هي رجحان ڀارتي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ڀلائي سان گڏوگڏ خطي ۾ هم آهنگي ۽ امن ??اء?? هڪ وڏو خطرو آهي. هن او اءِ سي جي سفيرن سان جيڪو خط شيئر ڪيو ان ۾ اهو به چيو ته افسوس سان هي ڪو ڌار واقعو ??ه آهي، ڇاڪاڻ ته وانسي جي گيان نواپي مسجد ۽ مٿرا جي شاهي عيدگاهه مسجد سميت ٻين مسجدن کي به اهڙي طرح بي حرمتي ۽ شهيد ڪرڻ جا خطرا در??يش آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته هو ڀارت ۾ مذهبي ماڳن جي تحفظ ??اء?? اوهان جي فوري مداخلت ??اء?? لکي رهيو آهي، اوهان جي قيادت تحت گڏيل قومن جي الائنس آف سويلائيزيشن (يو اين اي او سي) کي اسلامي ثقافتي ماڳن جي حفاظت ۽ ڀارت ۾ مذهبي ۽ ثقافتي اقليتن جي حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اوهان کي مذهبي ماڳن جي تحفظ ??اء?? ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي. اسان اوهان کي درخواست ڪريون ٿا ته ايڪشن پلان تي عملدرآمد ??اء?? ڪوششون تيز ڪريو ۽ ڀارت ۾ مذهبي ماڳن جي تحفظ کي يقيني بڻايو. او آءِ سي جي سفيرن ان مسئلي جي اهميت کي تسليم ڪيو، ڪجهه سفيرن، ڪجهه يورپي ملڪن ۾ مسجدن تي حملن جو ذڪر ڪيو، گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل نمائندي رياض منصور اسرائيل طرفان مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي ۽ والاريل علائقن ۾ مسجدن ۽ گرجاگه??ن جي بي حرمتي طرف ڌيان ڇڪرايو. اجلاس ۾ ان معاملي کي او آءِ سي جي ايندڙ سفي??ن جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پاڪستان گڏيل قومن جي الائنس آف سويلائيزيشن کي خط ۾ رام مندر جو معاملو اٿاري ڇڏيو: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت