بيجنگ-04 جنوري (اي پي پي ) چين چيو آهي ته برڪس جي توسيع ان جي روشن مس??قبل کي ظاهر ڪري ٿي . چيني پرڏيهي وزير جي ترج??ان وانگ وين بن معمول جي بريفنگ دوران چيو ته سعودي عرب ، مصر ، گڏيل عرب امارات ، ايران ?? ايٿوپيا پهرين جنوري تي باضابط طور تي برڪس جو ميمبر بڻجي ويا آهن جنهن کان پوءِ تن??يم جي ميمبر مملڪن جو انگ پنج کان وڌي ڏهه ٿ?? ويو آهي هن چيو ته چين کي برڪس جي مس??قبل تي اعتمادآهي برڪس سهڪار جي طريقي ڪار هم اهنگي ۽ اثر رسوخ ۾ اضافو ڪيو آهي عالمي ماملن ۾ بهتري لاءِ هڪ بهتر ۽ مس??حڪم قوت بڻجي وئي آهي ترج??ان چيو ته لاڳاپيل ملڪن ج درخواست تي برڪس جي رڪنيت ۾ آصافو اڀرجندڙ مارڪيٽن ۽ ترقي پذير ملڪن جي گڏيل خواهش کي پورو ڪري ٿي . ترج??ان موجب برڪس جي شراڪتدارن سان ملي ڪري ڪم ڪنداسين ته جئين برڪس سهڪار ۾ نوان نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ، گذريل ڏينهن مصر ايران، گڏيل عرب امارات ?? ايٿوپيا به برازيل ، روس ، ڀارت ، چين ۽ ڏکڻ آفريقا تي ٻڌل تن??يم برڪس جي باضابطه ميمبر بڻجي ويو .
برڪس جي توسيع روشن مستقبل کي ظاهر ڪري ٿي ، چين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق