جنيوا -20 نومبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊنوم گيبروسيس آهي ته غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن ج?? سار سنڀال جي قابل ناهي رهي، ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ هن چ??و ته غزه ۾ شفا اسپتال هاڻي وڌيڪ خدمتون ف??اه?? نٿي ڪري سگهي. جيڪا اسرائيل جي ناڪابندي ۽ حملي جي لپيٽ هيٺ آهي. هن آگاهي ڏني ته پاڻي، خوراڪ ۽ ٻارڻ ختم ٿي چڪو آهي، ان کان علاوه طب?? سامان به ختم ٿي ويو آهي. هن ٻڌا??و ته ٻارن سميت مريضن جي حالت تمام خراب آهي، طبي عملي اهڙن مريضن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي. هن ٻڌا??و ته اسان پنهنجي شراڪتدارن سان فوري طور تي مريضن کي اتان منتقل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪ??ي رهيا آهيون، ۽ مطالبو ڪ??ي رهيا آهيون ته ان منصوبي کي مڪمل طور تي سهولت ف??اه?? ڪئي وڃي. موجوده صورتحال برداشت جوڳي ناهي، هاڻي جنگبندي ڪئي وڃي. هڪ ٽيم ٻڌايو آهي ته اسپتال جي دروازي تي هڪ اجتماعي قبر ڏٺي آهي ۽ اٽڪل اتي 80 کان وڌيڪ ماڻهو دفن آهن. صحت جي عالمي اداري ٻڌا??و ته هن وقت اسپتال ۾ 291 مريض ۽ 25 طبي ڪارڪن موجود آهن جن مان 32 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. عالمي اداري چيو آهي، ته فوري جنگ بندي ڪئي وڃي ۽ وڏي پئماني تي انساني امداد جا??ي رکي وڃي.
غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں