مڪو پاڪ- پهرين جون (اي پي پي)سعودي عرب جي صحت واري و??ارت چيو آهي ته حج سيزن کي بيمارين کان پاڪ بڻائڻ ل??ءِ صحت واري و??ارت قدم مڪمل ڪري و??تا آهن. سعودي عرب جي نشرياتي اداري مطابق سعودي عرب جي صحت واري و??ارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلن??ڙ سال حج سيزن دوران حاجين کي صحتمند خدمتن جي فراهمي ل??ءِ 14 هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ زميني سرحدي چيڪ پوسٽن تي هيلٿ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. بيمارين جي روڪٿام ل??ءِ هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ زميني سرحدي چيڪ پوسٽن تي احتياطي قدم کنيا پيا وڃن. صحت بابت انتظام حج سيزن دوران پانڌيئڙن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ جي پهرين دفاعي لائين آهي. وزارت جي ڪوشش آهي ته حج سيزن دوران وبائي بيمارين جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. هڪ طرف بيمارين جي پکيڙ جي روڪٿام ل??ءِ انتظام ڪيا آهن ته ٻئي پاسي بيمارين ۾ مبتلا ماڻ??ن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزارت چيو آهي ته حاجين جي سامن تي به ڪجهه پابنديون لڳايون ويون آهن. صحت جي عالمي اداري جي رپورٽن جي تناظر ۾ صحت پاليسي تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي.
حج سيزن کي بيمارين کان پاڪ بڻائڻ لاءِ صحت واري وزارت پنهنجا قدم مڪمل ڪيا آهن: سعوي عرب جي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa