بيجنگ-12 جول??ءِ (اي پي پي) چين جي پ??ڏيهي وزير وانگ اي جمعي ڏينهن نيڌرلينڊز جي نئين پرڏيهي وزير فيلڊ ڪان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻ??رف?? لاڳاپن ۽ اهم عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وانگ اي نيڌر لينڊز جي هم منصب سان پنهنجي ٽيفلونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته چين ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ واضح ۽ عملي جامع تعاون تي ٻڌل حصيداري جي مستحڪم ترقي سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدا حاصل ٿيا آهن ۽ ان حصيداري خطي ۽ دنيا جي پ??امن ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته چين نيڌرلينڊز جي نئين حڪومت سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ، هڪجهڙن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي وڌائڻ ل??ءِ تيار آهي. وانگ اي چيو ته چين عالمي پيداوار ۽ سپلائي چين جي استحڪام کي گڏيل طور تي برقرار رکڻ ل??ءِ نيڌرلينڊز سان تعاون کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي نيڌرلينڊز جي پ??ڏيهي وزير چيو ته چين ايشيا ۾ نيڌرلينڊز جو اهم اقتصادي ۽ واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي ٻ??رف?? ۽ گهڻ رخي مسئلن تي گڏيل فائديمند تعاون ڪرڻ گهرجي. ه چيو ته يورپ ۽ چين وچ ۾ ڪجهه معاملن ۾ اختلافن کي ٻنهي ڌرين وچ ۾ تعاون ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته نيٽو پنهنجي ميمبر ملڪن جي سلامتي جي تحفظ ل??ءِ پرعزم آهي ۽ هميشه هڪ دفاعي ادارو رهندو.
چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جي نيڌرلينڊز جي نئين پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی