??ست??نه – 4 جولاءِ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن قازقستان جي گادي واري شهر ??ست??نه ۾ ملاقات ڪئي. يوڪرين ۽ غزه جنگ ۽ شام جي تڪرار جي خاتمي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيه اردو مطابق ترڪيه جي ايوان صدر ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر گذريل ڏينهن پنهنج?? روس جي هم منصب کي آگ??هه ڪي?? ته سندس ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو . ٻنهي ڌرين لاءِ امن ممڪن آهي. ترڪيه جي صدر پنهنج?? روس جي هم منصب کي شام تڪرار جي حل ۾ ترڪيه جي سهڪار تي راضي ٿيڻ کان پڻ آگ??هه ڪي??. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي صدرن ترڪيه ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ يوڪرين – روس جنگ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . شام ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ دهشت گردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ڪي??ن . ترڪيه جي صدر چيو ته سندس ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو . روس جي حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪي?? ته روس جو صدر علائقائي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات لاءِ قزاخستان جي گادي واري شهر ??ست????ه پهتو . هن شنگهائي سهڪار تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي.
ترڪيه جي صدر جي روس جي هم منصب سان ملاقات، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں