ڍاڪا -19 آگسٽ (اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد، روڊ، ٽرانسپورٽ ۽ پُلن جي اڳوڻي وزير عبيد القادر، اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شميم عثمان، اڳوڻي گهرو وزير اسد الزمان خان سميت 62 ڄڻن خلاف نارائن گنج جي علائقي سڌير گنج ۾ مڇي جي واپاري جي ق??ل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڍاڪا ٽريبيون جي رپورٽ مطابق هي ڪيس مقتول محمد ملون جي گهر واري شهناز بيگم طرفان آچر رات دير سان سڌير گنج ??اڻي ۾ داخل ڪرايو ويو جنهن کان پوءِ ا??وڻي وزيراعظم خلاف داخل ڪرايل ڪيسن جو انگ هڪ درجن تائين پهچي ويو آهي. ڪيس ۾ ٻين نامزد جوابدارن ۾ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شميم عثمان جو پٽ آيون عثمان، ان جو ڀائيٽيو ازميري عثمان ۽ نارائن گنج ??يٽر?? پوليٽن عوامي ليگ جو آرگنائيزنگ سيڪريٽري شاهه نظام شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا