واشنگٽن-06 جون (اي ??ي پي) آمريڪي جاچ اداري ايف بي آءِ چيو آهي ته آمريڪا ۾ ما??ڪو ڪي ڪنسرٽ هال جهڙن حملن جا خطرا وڌي رهيا آهن. ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪ??سٽوفرر سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي کي ٻڌايو ته انهن خطرن سبب اداري کي وڌيڪ فنڊن جي ضرورت آهي. هن چيو ته رپورٽن موجب غزه ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي جي شروعات سان ڪيترائي ماڻهو آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف حملن جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي ڳڻتي اها رهي آهي ته ماڻهو يا ننڍا گروه وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ واقعن کان متاثر ٿي هتان گهرن تي حملا ڪندا. هن ٻڌايو ته غزه ۾ جنگ جي شروعات کانپوءِ آمريڪا ۾ رهندڙ يهودي ڪميونٽي لاءِ خطرن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. انگن اکرن موجب 7 آڪٽوبر کان پوءِ شروعاتي چئن مهينن ۾ نفرت تي ٻڌل ڏوهن ۾ 60 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو.جيتوڻيڪ نفرت انگيز ڏوهن ۾ يهودي ڪميونٽي کي نشانو ناهي بڻايو ويو پر ڪ??هه ۾ مسلمانن آمريڪين، عرب آمريڪين ۽ ٻين کي پڻ نشانو بڻايو وي، پر وڏي اڪثريت يهودين جي ئي هئي.
آمريڪا ۾ ماسڪو جي ڪنسٽرٽ هال جهڙن حملن جا خطرا وڌي رهيا آهن: ايف بي آءِ
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل