واشنگٽن-23 آڪٽوبر (اي پي پي) ??مر??ڪا وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي هٿياربند فوج تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي اسرائيل سان غزه ۾ زميني ڪارروائي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق ان قدم جو مقصد ??مر??ڪا طرفان وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي فوجين تي حملن کان بچائڻ لاءِ قدمن لاءِ وقت حاصل ڪر?? آهي. رپورٽ مطابق ??مر??ڪا کي حماس جي اسرائيل تي حملي ۾ يرغمال بڻائڻ درجنين ماڻهن کي ڇڏرائڻ لاءِ پڻ وقت گهربل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائي شروع ٿيڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ مقرر ??مر??ڪا فوج تي حملن جو خطرو وڌي سگهي ٿو. ??مر??ڪا کي خدشو آهي ته ان طرح جا حملا ايران جي حمايت يافته علائقائي گروهه ڪري سگهن ٿا. اخبار مطابق ??مر??ڪي انتظاميه جي غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي رسد لاءِ ڳالهين لاءِ وقت گهربل آهي. نيويارڪ ٽائمز نشاندهي ڪئي آهي بائيڊن انتظاميه اسرائيل سان جنگبنديءَ جو مطالبو نه ڪري رهي آهي، هو اڃا به حماس کي تباهه ڪرڻ لاءِ زميني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تل ابيب جي ارادي جي حمايت ڪري ٿو. اخبار جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته زميني آپريشن جي شڙوعات ۾ دير جو مشورو ??مر??ڪي دفاع واري وزير لائيڊ آستن ذريعي ڏنو ويو هو. ??مر??ڪي دفاع واري وزارت جي سربراهه طرفان تقريبن روزانو پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان رابطي ۾ آهي. لائيڊ آسٽن اسرائيل جي اعليٰ دفاعي اهلڪار کي به چيو آهي ته مغوين جي واپسي ??مر??ڪا جي ترجيح آهي. ٻئي طرف روسي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ??مر??ڪي بچاءَ واري وزير جي حوالي سان ٻُڌايو ويو آهي ته ??مر??ڪا وچ اوڀر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اڻڄاتل پيٽرياٽ اينٽي ميزائل ڊفينس سسٽم ۽ ٽرمينل هاءِ آلٽي ٽيوڊ ايريا ڊفينس بيٽري (ٿاڊ) کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرياٽ حملي آور ميزائل کي 160 ڪلوميٽر جڏهن ته ٿاڊ 200 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نشانو بڻائي رستي ۾ تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سي اين اين مطابق ??مر??ڪا ان کان اڳ ٻه جنگي جهازن بحري جهاز يو ايس ايس جيرالڊ آر فورڊ ۽ يو ايس ايس وائٽ ڊي آئزن هاور کي اسرائيل جي مدد لاءِ علائقي ۾ موڪليو آهي. ان سان گڏوگڏ ??مر??ڪي بحريه جا گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار اهلڪار پڻ علائقي ۾ پهچي چڪا آهن. ??مر??ڪا ان ٻنهي بحري جهازن کان علاوه بحيره احمر ۾ ڪيترن ئي جنگي بحري جهازن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي. ??مر??ڪي فوج طرفان اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته ان جنگي جهازن يمن ۾ حوثي باغين طرفان اسرائيل ۾ هدف کي نشانو بڻائڻ لاءِ فائر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ٽن ميزائل ۽ اسرائيل طرفان روانو ڪيل ڪيترن ئي ڊرونز کي ڪيرايو آهي. هوڏانهن ??مر??ڪي صدر جوبائيڊن برطانيه، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ڪئنيڊا جي اڳواڻن سان وچ اوڀر جي تازه ترين صورتحال تي به مشاورت ڪئي آهي. سمورن اڳواڻن اسرائيل خلاف حماس جي ڪارروائي کي دهشتگردي قرار ڏيندي ان خلاف اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق ۾ ڀرپور حمايت ڪئي آهي.
آمريڪا جي اسرائيل کان غزه جي پٽيءَ ۾ زميني آپريشن ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ