اڪاپولڪو -25 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي نيشنل هريڪين سينٽر چيو آهي، ته سامونڊي طوفان اوٽس ڪيٽيگري 4 ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ميڪسيڪو ڏانهن وڌي رهيو آهي. اين ايڇ سي خبردار ڪيو آهي ته سامونڊي طوفان اوٽس طاقتور ڪيٽيگري 4 م داخل ٿي ويو آهي ۽ هو ميڪسيڪو جي ماٺ?? سمنڊ جي ڪناري ڏانهن وڌي رهيو آهي جيڪو امڪاني طور تباهه ڪن ثابت ٿي سگهي ٿو. اين ايڇ سي اڳڪٿي ڪئي ??هي ته اهو طوفان سامونڊي ڪناري جي مرڪز تي پهچي امڪاني طور تباهي آڻيندڙ زمري 5 ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. واضح رهي ته اڱاري جي شام تائين طوفان جو مرڪز سامونڊي ڪناري واري تفريحي شهر اڪاپولڪو کان تقريبن 85 ميلن جي مفاصلي تي واقع هو ۽ پنٽامالڊوناڊو کان زيهواتانيجو تائين سامونڊي پٽي جي لاءِ سامونڊي طوفان جي وراننگ لاڳو هئي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت