اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي مستقبل ۾ قابل تجديد توانائي بابت سموري سيڙپڪاري کي قابلت جديد توانائي پاليسي 2019ع سان هم آهنگ بڻائڻ جي حوالي سان پاور ڊويزن جي تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها پاليسي هڪ اهڙو فريم ورڪ رکي ٿي جيڪا موجوده عالمي مارڪيٽ جي قدرن ۽ صارفين جي وسيع تر فائدي ??ابت آهي. ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران ٻڌايو ويو ته قابل تجديد توانائي پاليسي 2019ع جي مسودي ??ي حصيدارن کان انهن جي راءِ ورتي پ??ي وڃي ۽ ان عمل جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ان کي جلد ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب