اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي حوس ۽ لالچ ۾ مبتلا آهي، عمران خان رڳو شيرواني پائڻ چاهي ٿو ۽ هو ان جي لاءِ هر اهو رستو اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو کيس اوستائين پهچائي، هڪ اهڙو شخص جيڪو پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جو جواب نه ٿو ڏي اهو ٻين جي احتساب جي ڳالهه ڪهڙي منهن سان ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائين??ي ڪيو. هن چيو ته هاڻي ڪجهه ٻاهريون طاقتون اندروني ماڻهن سان گڏجي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جو جيڪو سفر شروع ڪيو آهي ان تان ٿڙي وڃي. هن چيو ته سمورين سرويز ۽ تاز??ن چونڊن جي نتيجن موجب وزيراعظم محم?? نواز شريف سڀ کان مقبول اڳواڻ آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ جي سڀ کان و??ي پارٽي آهي. هن چيو ته اڪنامڪ انٽيليجنس يونٽ جي تازي سروي به ان ڳالهه جي عڪاس آهي. مملڪتي و??ير جو چوڻ هو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل بحال ٿيو آهي.
عمران خان اقتدار جي حوس ۽ لالچ ۾ مبتلا آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria