واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ جو اميدوار ۽ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽر??پ ڪامياب ٿي ويو آهي. هن پاڻ کي آمريڪا جو 47هون صدر چوندي پنهنجي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيو ۽ چيو آهي ته آمريڪي عوام اڄ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي آمريڪا جي سونهري دؤر جي شروعات ٿيندي. صدارتي چونڊون 270 کان وڌيڪ اليڪٽرز جي کٽڻ سا?? پنهنجي ڪاميابي يقيني ٿيڻ کانپوءِ هن فلوريڊا رياست ۾ پنهنجي چونڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ آمريڪين کي خطاب ڪيو. هن چيو ته هو ان وقت تائين آرام سا?? نه ويهندو جيستائين آمريڪا کي هڪ محفوظ ۽ خوشحال ملڪ بنائڻ جو عهد پورو نه ڪندو. آمريڪا جي عوام جي حقن لاءِ هر روز مقابلو ڪنداسين. ملڪ جي سونهري دؤر جي شروعات ٿيڻ واري آهي. ڊونلڊ ٽر??پ چيو ته مُون ڪا جنگ شروع ناهي ڪئي پر مُون جنگيون ختم ڪيون آهن. هن آمريڪي عوام تي زور ڀريو ته هي وقت اتحاد جو آهي، گذريل سا??ن ۾ جيڪي ويڇا وڌيا انهن کي پُٺتي رکڻو پوندو، آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ ٽر??پ جي ڪاميابيءَ سا?? ئي سڄي دنيا ۾ ڪيترين ئي ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. ڊونلڊ ٽر??پ جي فلوريڊا ۾ تقرير ۽ ڪاميابيءَ جي اعلان کان اڳ واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪملا هيرس جي اليڪشن واچ پارٽيءَ وارو هنڌ ويران ٿيڻ شروع ٿي ويو. نائب صدر ڪملا هيرس کي هارورڊ يونيورسٽي??َ ۾ پنهنجي حامين کي خطاب ڪرڻو هو پر جيئن ئي معلوم ٿيو ته هوءَ تقرير نه ڪندي ته اتي موجود ماڻهو خالي ڪُرسيون ۽ آمريڪي جهنڊا ڇڏي گهرن ڏانهن هليا ويا. ٻئي پاسي عالمي اڳواڻن ڊونلڊ ٽر??پ کي آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، ڊونلڊ ٽر??پ جي کٽڻ کي تاريخ جي سڀ کان وڏ?? واپسي قرار ڏنو. هن چيو ته هي اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ عظيم اتحاد لاءِ هڪ طاقتور عزم جو اظهار آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، ڊونلڊ ٽر??پ کي تاريخي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني. هن چيو ته ڊونلڊ ٽر??پ سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ڀارتي وزيراعظم، ڊونلڊ ٽر??پ کي پنهنجو دوست چئي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي تاريخي چونڊ ڪاميابيءَ تي دل جي گهرائين سا?? مبارڪباد، اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني پڻ ڊونلڊ ٽر??پ کي مبارڪباد ڏني آهي. هنگري جي وڪٽر اوربان، ڊونلڊ ٽر??پ کي آمريڪي سياسي تاريخ ۾ سڀ کان وڏ?? واپسيءَ تي مبارڪ ڏني. ??وڪ??ين جي صدر پڻ ڊونلڊ ٽر??پ کي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ ٽر??پ جي ڪاميابي ??وڪ??ين ۾ امن کي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي بيان ۾ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽر??پ کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس اقتدار جي دؤر ۾ دنيا ۾ انصاف جو ڳاٽ اونچو هو. ايران جي حڪومت جي ترجمان فاطمي مهاجراني پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊ جي نتيجن جو ايراني عوام جي زندگين تي ڪوبه اثر نه پوندو. ايران پنهنجي پاليسين کي شخصيت نه پر اصولن جي بنياد تي جوڙيندو آهي ۽ ان تي عملدرآمد جاري رکندو. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل آمريڪي صدر کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سندس قيادت ۾ نيٽو دفاعي اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. روس جي اڳوڻي صدر دمتري ميديدوف، ڊونلڊ ٽر??پ کي مبارڪون ڏيندي چيو ته سندس هڪ خوبي اها آهي ته هو آمريڪي فنڊن کي غير ضروري طور ۽ خاص طور تي بيوقوف اتحادين تي خرچ ڪرڻ جي خلاف آهي. نيڌر لينڊ جي وزيراعظم ڊڪ سڪوف، ڊونلڊ ٽر??پ کي مبارڪون ڏيندي سندس حڪومتي دؤر ۾ آمريڪا سا?? سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي اميد جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي آسٽريا جي چانسلر ۽ چيڪ ريپبلڪ، سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ ۽ ايلسلوا ڊور جي وزيراعظمن پڻ ڊونلڊ ٽر??پ کي مبارڪون ڏنيون آهن.
آمريڪي عوام تاريخ رقم ڪري ڇڏي، مُون جنگيُون شروع نه ختم ڪيُون آهن: صدر ڊونلڊ ٽرمپ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha