بيروت -23 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي فضائيه ??بن??ن جي ڏکڻ ۽ اوڀر حصن ۾ وڏي پئماني تي فضائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ??ه اسرائيل جي فضائي حملن ۾ ڏکڻ ضلع نباتيه، بنت حييل ۽ مرجعون جي ڪيترن ئي علائقن سان گڏوگڏ اوڀر علائقن بيڪادي، بعلبيڪ ۽ هرميل ۾ هدفن کي نشانو بڻايو پيووڃي. رپورٽ مطابق اسرائيل جي دفاع واري وزير يو ايو گيلانٽ ??بن??ن ۾ فضائي حملا شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي آمريڪي هم منصب لائيڊ آسٽن سان ڳالهايو آهي ۽ کيس ??بن??ن ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي. ان گفتگو ۾ وسيع تر علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ايران ۽ ان جي حامي هٿياربند گروپن طرفان اسرائيل کي لاڳو خطرن تي به ڳالهيون ڪيون آهن. اسرائيل جي فوج ??بن??ن ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائي جا 3 هدف مقرر ڪيا آهن جن ۾ ??بن??ن جي سرحدي علائقن مان حزب الله جي ٺڪاڻن جو خاتمو، اسرائيل خلاف ڪارروائين جي حزب الله جي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ ۽ حزب الله کي اسرائيلي سرحد سان واڳيل ??بن??ن جي علائقن مان پوئتي هٽائڻ شامل آهي ??ه جيئن اسرائيل کي ??بن??ن سان واڳيل سرحد تي واقع آبادين مان ڪڍيل اسرائيلي شهرين کي سندن گهرن ڏانهن واپسي کي ممڪن بڻائي سگهجي، جڏهن ته آمريڪا ??بن??ن ۾ موجود پنهنجن شهرين کي خبردار ڪيو آهي ??ه هو فوري طور تي ملڪ ڇڏي وڃن. آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ??ه حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ باوجود ڪمرشل اڏامون هلي رهيون آهن. آمريڪي شهرين کي جيڪا به فوري فلائيٽ ملي وڃي ان ذريعي ??بن??ن مان نڪري وڃن. حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ بيروت سميت ??بن??ن ۾ بم ڌماڪن جي امڪاني نوعيت ک?? نظر ۾ رکندي آمريڪي سفارتخاني آمريڪي شهرين تي زور ڀريو آهي ??ه هو ??بن??ن ڇڏي ڏين.
اسرائيل لبنان تي وڏن فضائي حملن جي شروعات ڪري ڇڏي، آمريڪا پاران پنهنجن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : números quina hoje