تهران – 04 اپريل (اي پ?? پي) ايراني پرڏيهي وزير امير عبدلهيان يورپي يونين جي پرڏيهي معام??ن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽ??لي??ونڪ رابطو ڪيو ۽ توقع ظاهر ڪئي ته يورپي يونين شام ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي حملي تي حقيقي ۽ فوري ڪاروائي ڪندي. روسي خابرو اداري تاس ايراني پرڏيهي وزارت جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته اسان ان ڏوهه جي فيصلائ??ي مذمت سان گڏو گڏ ان سل??لي ۾ حقيقي ۽ فوري قدمن جي توقع ڪريون ٿا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ ڇڪتاڻ جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو جيڪو اسرائيل کي مدد فراهم ڪري ٿو. واضح رهي ته پهرين اپريل تي اسرائيل شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ ايران جي قونصل خاني جي عمارت تي فضائي حملو ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات