رياض – 11 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي، ته اسان لاءِ تڪليف جو سبب آهي جو رمضان المبارڪ جي ڀلاري م??يني ۾ به اسان جا فلسطيني ڀائر اسرائيلي جارحيت کي م??هن ڏئي رهيا آهن. شاهه سلمان رمضان المبارڪ جي ڀلاري م??يني جي آمد تي م??لڪت جي شهري ۽ سمورن مسلمانن کي مبارڪون ڏنيون. پنهنجي پيغام ۾هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي وحشياڻي ڏوهه کي روڪڻ، محفوظ انساني ۽امدادي راهداريون کولڻ جون ذميواريون ادا ڪري، ان مملڪت جي حدن جي حفاظت ڪندڙ عسڪري، س??ڪي??رٽي ادارن جي اهلڪارن ۽ وطن جي خدمتن ۾ مصروف مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ سمورن سرڪاري م??ازمن کي به ڀلاري م??يني جون خاص مبارڪون ڏنيون. شاهه سلمان چيو ته اسان الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيون ٿا جنهن هن ملڪ کي اسلام جو سرچشمو بڻايو، جتان اسلام جو پيغام سڄي دنيا ۾ پکڙيو ۽ اسان کي الحرمين الشريفين ۽ ان جي زائرين جي خدمت جو موقعو ڏنو. پيغام جي آخر ۾ مملڪت جي امن ۽ خوشحالي ۽ روزيدارن جا روزا قبول ٿيڻ جي دعا ڪئي.
رمضان المبارڪ ۾ فلسطيني ڀائرن کي اسرائيلي جارحيت جو منهن ڏسڻو پيو، عالمي برادري امن لاءِ ڪردار ادا ڪري: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ