نيويارڪ-30 نومبر (اي پ?? پي) آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلي جي مذمت ڪئي آهي. چين جي خابرو اداري موجب هي گڏيل مذمت ستين اي يو – يو اين سالياني ڪا??فرنس کانپوءِ جاري پڌرائي ۾ ڪئي وئي جيڪا گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ۽ آفريقن يونين (اي يو) ڪميشن جي چيئرپرسن موسي فاڪي م??مت جي سربراهي ۾ نيويارڪ ۾ منعقد ٿي هئي. گڏيل پڌرائي ۾ آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلين جي مذمت ڪئي وئي ۽ برڪينا فاسو، گبون، جمهوريه گني، مالي نائجر ۽ سوڊان ۾ آئيني حڪمن جي وقت سر ۽ پرامن بحالي تي زور ڀريو ويو. ڪا??فرنس ۾ آفريقا کنڊ ۾ امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي مقصدن جي حمايت لاءِ تڪرارن جي اثرائتي روڪٿام، امن قائم ڪرڻ، امن آپريشنز ۽ پائيدار ترقي جي ڪوششن جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ۽ آفريقي يونين ڪميشن جي چيئرپرسن موسي فاڪي م??مت چيو ته جهيڙيندڙ ڌرين لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ڊگهي مدي واري جنگ بندي ڪن ۽ تڪرارن جي حل جو ڳالهين ذريعي رستو ڳولين.
آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن پاران آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي غير آئيني تبديلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت