واشنگٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي ص??ر جوبائيڊن موجوده اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت کي صيهوني رياست جي چوٿين وزيراعظم گولڊا مائير کان پوءِ اسرائيل ۾ سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند قرار ڏيندي چيو آهي ته فلسطين تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻه رياستي حل ئي صح??ح رستو آهي. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت کي اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي وسندين جي حوالي ??ان تنقيد جو نشانو بڻائندي چيو ته هو ان مسئلي جو حصو آهي. آمريڪي ??در خاص طور اسرائيلي ڪابينه جي ميمبرن تي به تنقيد ڪئي جيڪي چون ٿا ته ا??ان جتي چاهيون آباد ٿي سگهون ٿا. آمريڪي ??در چيو ته يوڪرين هن وقت تائين نيٽو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ان کان پهرين جو نيٽو اتحادي يوڪرين کي پنهنجي صفن ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري يوڪرين جنگ کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اتحاد ۾ يوڪرين جي ميمبرشپ تي ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو. سندس ملڪ ۽ سندس اتحادي يوڪرين کي گهربل ڄاڻ ۽ فوجي سازو سامان فراهم ڪندا رهندا.
نيتن ياهو جي حڪومت گولڊا مائير کان وڌيڪ انتهاپسند آهي: آمريڪي صدر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا