رام الله-09 مئي (اي پي پي) اسرا??يل جي فوج غزه تي هوائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني تنظيم اسل??مي جهاد جي 3 اهم ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 فلسطيني شهري شهيد ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حملي ۾ اسرائيلي فوج جي 40 ويڙهاڪ جهازن حصو ورتو. برطانيه جي خابرو اداري فلسطين جي صحت واري وزارت جي حوالي سان عالمي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته اسرا??يل جي فوج اڱاري ڏينهن صبح جي سوير غزه پٽي ۾ ٿيل حملن ۾ 12 فسلطيني شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. اسل??مي جهاد جي هٿياربند ونگ 3 ڪمانڊرن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو آهي، ته اسان پنهنج?? مشن تان هٿ نه کڻنداسين. گروپ جي ڪمانڊرن جي سڃاڻپ جهاد غنم، خليل البهطيني ۽ طارق عزالدين جي نالن سان ٿي آهي. فلسطيني پرڏيهي وزارت اسرا??يل جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهين ذريعي سياسي حل آهي، ٻئي طرف اسرا??يل جي فوج جو چوڻ آهي ته هنن اسل??مي جهاد جي 3 سينئر ڪمانڊرن کي نشانو بڻايو. حملي ۾ هٿيارن ۽ بنيادي ڍانچي جي تياري جي 10 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو جن ۾ راڪيٽ سازي جا ورڪشاپ، سرنگون تيار ڪرڻ جا مرڪز ۽ اسل??مي جهاد جو فوجي ڪمپائونڊ به شامل هئا. اسرا??يل جي دفاع واري وزير يوم گيلنٽ چيو آهي ته جيڪو به عسڪريت پسند اسرا??يل جي شهرين کي نقصان پهچائيندو ان کي پڇتائڻو پوندو. هن چيو ته اسرا??يل جي فوج جي ڳجهي اداري شين بيت سان گڏجي غزه ۾ اسل??مي جهاد جي قيادت کي نشانو بڻايو. واضح رهي ته گذريل هفتي اسل??مي جهاد جي اڳواڻ جي اسرا??يل جي حراست دوران بک هڙتال سبب فوتگي بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي.
اسرائيل فوج جا غزه تي حملا، فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 شهري شهيد، 20 زخمي
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania