اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين چئلينجن کي قبول ڪيو، (ن) ليگ تڪ اين اي 75 جي 20 پ??لنگ اسٽيشنن تي ٻيهر اليڪشن جي درخواست ڪئ??، ري پولنگ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندو جيڪو اسان کي قبول ??ون??و، پي ٽي آءِ اها پارٽي آهي جنهن اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي تجويز ڏني، اليڪشن جي شفافيت تي مخالف ڌر ج?? ٻٽو معيار ڇو آهي. اها ڳالهه هن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪ??هن ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آيو، هن سدائين چئلينج قبول ڪيا آهن، وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جو ڊسڪه جي 20 پ??لنگ اسٽيشنن ۾ ري پولنگ جو چئلينج به قبول ڪيو آهي، انشاءُ الله انهن کي وري شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين ڌانڌلي جي بنياد تي ملڪ ۾ سياست جي خريد ۽ وڪري جي روايت قائم ڪئ?? ۽ اڄ ڪاوڙيل آهي ڇو ته هو ان کي پنهنجو پئداشي حق سمجهندي آهي ته جيڪا اليڪشن هو کٽي اها ٺيڪ ۽ جيڪا هارائي اها غلط آهي. هن چيو ته اليڪشن جي شفافيت جي باري ۾ سندس ٻٽو معيار ڇو آهي. سينيٽ اليڪشن ۾ اوپن بيلٽنگ جي اهي مخالفت ڇو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي تجويز ڏني. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحادين سدائين خريد ۽ وڪرو ڪيو، اها انهن جي سڃاڻپ آهي، هنن ڪا اليڪشن مهذب طريقي سان ناهي وڙهي. وفاقي وزير چيو ته انهن ماڻهن سدائين اهڙيون روايتون قائم ڪيون جنهن تان اهي ٿورو به هٽي وڃن ته کين پنهنجي حيثيت جو پتو پئجي ويندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سدائين سموريون شيون شفاف طريقي سان انجام ڏنيون پر انهن ماڻهن سدائين ڪوڙ تي ٻڌل ڳالهه ڪئ??، هنن ماضي ۾ به ڪيلبري فونٽ جي ذريعي ڪوڙ ڳالهايو ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به سندس ملڪيت نه آهي.
وزيراعظم عمران خان سدائين چئلينجن کي قبول ڪيو: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ